ڀيمجي جاڙيجو ۽ غلام شاهه سان جنگ

ڀيمجي جاڙيجو ۽ غلام شاهه سان جنگ: ڀيمجي ڪڇ جو هڪ جاڙيجو پهلوان ٿي گذريو آهي. جڏهن ته ميان غلام شاهه ڪلهوڙو 1170هه/ 1757ع ۾ سنڌ جو حڪمران ٿيو ته ڪڇ جي راءِ طرفان ٿيندڙ زيادتين طرف ڌيان ڏنائين. ان وقت ٻه طاقتور قبيلا ’نوتيار‘ ۽ ’جت‘ ساڳئي وقت ڪڇ توڙي سنڌ‘ (جاتي ۽ بدين) ۾ آباد هئا ۽ سندن ڪڇ جي راءِ سان تاريخي ناتو هو. ڪڇ جا راءِ، جيڪي جاڙيجا سما هئا، سي عقيدي طور مسلمان هئا، پر وٽن هندڪيون ريتون رسمون به رواج ۾ هيون، ان ڪري انهن سان سندن سڱابنديءَ جا رشتا هئا. انهي سمي ڪڇ جو راءِ گوڙجي هو، جنهن جي ڀاءُ آستو جيءَ نوتيارين مان شادي ڪئي هئي، جيڪي ٻنيءَ جا ويٺل هئا. اُها ڇوڪري ايڏي همت واري هئي، جو سانهه ڍڳي کي ڪن مان جهلي قابو ڪري سگهندي هئي، کيس ٻه پٽ ٿيا: هڪ ڀيمجي ۽ ٻيو ويسوجي. اهي ٻئي همت وارا هئا، پر ڀيمجي وڏو پهلوان هو. سندس ناناڻا نوتيار هئا ۽ سندس شادي سنڌ جي سوڍن مان ٿي هئي. سنڌ سان سندس گهاٽو تعلق هو. ”جهاڙي جبل“ وارو علائقو سندن جاگير ۾ هو. جڏهن غلام شاهه ڪڇ تي ڪاهيو ته ڀيمجي ۽ سندس ڀاءُ مقابلي لاءِ ”جهاڙو جبل“ جهلي بيٺا، پر ميان غلام شاهه جي طاقتور لشڪر سان پڄي نه سگهيا، پر آخر دم تائين وڙهيو ۽ سِر ڏنائين، پر ميدان نه ڇڏيائين. تڏهن چيائين ته: ”واهه ڀيمجي! جنهن جھارو ملهايو.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو